SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سنڌو لکت


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

سنڌو لکت

(Indus Script)

سنڌو رسم الخط (Indus Script) شروعات اٽڪل 7400 ق. م پڇاڙي 400 ق. م). ۾ ٿي. سنڌو (Indus) لکت بابت موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي کوٽائي مان مهرن تي لکت ملي ٿي ته، جنهن جو زمانو 3300 ق. م ۽ 2600 ق. م اوج وارو زمانو معلوم ٿئي ٿو. موجوده دور ۾اڪثر عالمن جو خيال آهي ته هيءَ جداگانه لکت آهي ۽ ڪنهن به ٻي ٻوليءَ تان ورتل ڪا نه آهي. موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان لڌل لکتن کي سنڌو رسم الخط چيو ويندو آهي. جڏھن 1925ع ۾ سر جان مارشل موھن جي دڙي جي کوٽائيءَ جو ڪم شروع ڪرايو تھ کوٽائيءَ مان هٿ آيل مھرن ۽ انھن تي اڪريل لکت دنيا جي ماھر لسانيات کي حيران ڪري وڌو. ان لکت، تحقيق لاءِ نوان دروازا کوليا، جنھن ۾ خود لکت جي تاريخ، تھذيب ۽ تمدن بھ اچي وڃن ٿا. قديم آثارن جي انڪشافات مان معلوم ٿئي ٿو تھ سنڌ جو ھيءَ قديم تمدن، مغربي درياهي تمدن يعني دجلھ ۽ فرات درياهن جي سمير ۽ بابلي تمدن جو ساٿياري آھي. سر جان مارشل جي تحقيق موجب سنڌ ، سمير ۽ بابل جي تھذيبن جي وچ ۾ ڪافي ھڪ جھڙائي ھئي، خصوصاً سنڌ ۽ عراق جي ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ گھاٽي اچ وڃ هئي. موھن جي دڙي مان لڌل مھرن مان سنڌ جي قديم ترين رسم الخط جا دروازا کليا. ھنن مھرن مان خبر پئي تھ ھتان جا رھندڙ ماڻھو جيڪا ٻولي ڳالھائيندا ھئا، اھا لکي به سگھندا ھئا.سنڌو لکت جي مھرن تي نظر ايندڙ تصوير ۽ تحرير اھڙي تھ سھڻي من موھڻي آھي، جو ان جو دنيا ۾ مثال ئي موجود نھ آھي. ھيءَ لکت تصويري لکت (Pictographic) آھي.جملي 3500 مھرون موھن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان مليون آھن، جن ۾ 400 کان وڌيڪ علامتي اکر لکيل آهن. ھي لکت ساڄي کان کاٻي طرف لکي ويندي ھئي.ھي نشانيون گھڻي ڀاڱي صوتي يا اچاري آھن. هن لکت کي پڙهڻ لاءِ سڄي دنيا ۾ ڪوششون هلندڙ آهن.


Remember Me Also:

ليکن کاڌو

ليکَن کاڌو (ت)

بلڪل غريب، ڪم ذات، سُڃو، مسڪين، ڪنگال.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal